سيد فتح محمد شاهه لڪياري

سيد فتح محمد شاهه لڪياري: سيد فتح محمد شاهه حيدرآباد جي لڪياري سيدن مان هو. 1843ع ڌاري جڏهن انگريزن ميرن کان حڪومت کسڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سيد فتح محمد شاهه پنهنجن مريدن توڙي ٻين سنڌين کي انگريزن خلاف ميرن جو ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ پنهنجي مريدن جو ويڙهاڪ لشڪر وٺي مياڻيءَ جي ميدان ۾ بلوچن جي فوج سان اچي مليو. ان وقت تمام گھڻن سيدن سندس سڏ تي انگريزن خلاف جنگ ۾ حصو ورتو. هن مياڻيءَ جي جنگ ۾ پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا، توڙي جو انگريزن جو لشڪر گھڻو ۽ جديد هٿيارن سان هو. پوءِ به سنڌين ۽ بلوچن تلوارن ۽ ڀالن ذريعي دشمن کي تمام گھڻو نقصان رسايو. سيد فتح محمد شاهه ان جنگ ۾ ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ وڙهندي شهيد ٿيو.


لفظ سيد فتح محمد شاهه لڪياريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو